اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ جي لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ حڪومت احساس اسڪالرشپ ۽ ڪامياب جوان جهڙن منصوبن جي شروعات ڪئي آهي ته ??يئ?? نوجوان بهترين تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي اهتمام هيٺ فيصل مسجد ڪئمپس ۾ هفتيوار ڪاروباري مهم جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان 7 ڏينهن واري ايونٽ ۾ ورڪشاپس، انڊسٽري ۽ شاگردن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جي ويهڪن سميت تخليقي اشتهارن جي مقاب??ن ۽ ڪاروباري منصوبن جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب رکيا ويا آهن جڏهن ته ان ڏس ۾ 25 هزار قرض ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي 10 لک کان اڍائي ڪروڙ جا قرض ڏنا پيا وڃن ته ??يئ?? بهترين ڪاروباري عورتون ۽ مرد پيدا ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي ۽ اڪنامڪ زونز سميت احساس اسڪالرشپس جار?? ڪيون ويون آهن ته ??يئ?? اعليٰ ت??ليم جي سهولت کان ڪير به محروم نه رهي. هن چيو ته اسلامي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو جذبو، خيال ۽ پراجيڪٽس ڏسي دلي خوشي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي شڪست جي خوف کي ذهن مان ڪڍي ڇڏين ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪن ته اهو ڏينهن پري نه آهي ته هن ملڪ کي ترقي جي منزل تائين پهچائي سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
‘Science in Sindh’ concludes with aim to promote education
-
4 arrested as DNA evidence solves girl’s murder
-
PM Shehbaz promises to upgrade Balochistan’s dangerous ‘bloody track’ to modern highway
-
SBO اسپورٹس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
Dog House Official Entertainment Website Ka Taaruf
-
Lucky God Official Entertainment App - تفریح کا نیا انقلاب
-
Elf's Wish Entertainment - آپ کی تفریحی دنیا کا خواب پورا
-
Pak envoy looks forward to Chinas economic blueprint outcomes
-
Nawaz suffocates under army as hes pro-India, says Nizami
-
PEMRA directs Geo TV to submit reply for airing unverified news
-
Passports renewal process now in just 16 minutes
-
چائنا ریسورس گیم آفیشل ڈاؤن لوڈ انٹرنس کا مکمل گائیڈ