اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي ملڪيتن جي ملڪيتي حق فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، اسلام عورتن کي جائيداد جي مال??اڻ?? حق ڏنا، پر افسوس جو ڪجهه حصن ۾ حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي ملڪيتي حقن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر محمد فر??غ نسيم، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مل??ڪه بخاري، حراست جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق ۽ محتسب پنجاب نيبلا علي خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه پاران پاس ڪيل عورتن جي ملڪيتي حقن جي لاڳو ڪرڻ جي ايڪٽ ت?? بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ک?? بريفنگ ڏيندي حراسيت جي خاتمي واري وفاقي محتسب ڪشمالا طارق چيو ته حراست جي خاتمي واري وفاقي محتسب کي وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع جي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ 116 شڪايتون مل??ون جن مان 15 ڪيسز التوا هيٺ آهن جڏهن ته باقي لاڳاپيل کاتن کي ڪارروائي جي لاءِ موڪلي ڇڏيا آهن. محتسب پنجاب نبيلا علي خان اجلاس ۾ ٻڌايو ته محتسب پنجاب کي 250 ڪيس مل??ا آهن، ازالي جي لاءِ سنجيده قدم کنيا پيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي جائيدادن جا ملڪيتي حق فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ جي ضرورت اهي، اسلام عورتن کي جائيداد جا مال??اڻ?? حق ڏنا آهن، پر افسوس جو ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ حقن کان محروم رکيو ويو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته قانونن تي عملدرآمد سان عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۾ مدد مل??دي، عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي محتسب ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ميڊيا ذريعي آگاهي مهم هلائڻ، عالم سڳورن جي مدد سان ماڻهن ۾ عورتن جي مالڪاڻن حقن جي تحفظ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.
متعلقہ مضامین
-
NA body asks NEPRA for enhancing service delivery to consumers
-
Govt to provide security and funds for elections: No fear or favour during polls: PM
-
Senate body alarmed at growing concerns about increasing fees
-
کریش گیمز: سرگرمی کی دنیا میں خوش آمدید
-
سپر ڈائمنڈ ایوارڈ آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Pakistan to establish textile centre research, innovation projects
-
PM Nawaz vows to make Pakistan secure for every ethnicity, religion
-
Two schemes for small farmers given withholding tax exemption
-
Proposed ferry link between Karachi and Gwadar overdue for nine months
-
Flame Mask سرکاری ڈاؤن لوڈ
-
R88 الیکٹرانک آفیشل گیم ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
مالا ریوارڈز آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ